چور پاهي

چور پاهي (راند): چور پاهي راند جو مرڪزي خيال ساڳيو لڪ لڪوٽيءَ راند وارو آهي. فرق صرف هيءُ آهي ته راند ڪندڙ ٻارن مان ٻه ٻار نقلي چور بڻبا آهن، يعني چورن جو ڪردار ا دا ڪندا آهن. چار ٻار پوليس وا را ٿيندا آهن ۽ هڪ ٻار صوبيدار ٿيندو آهي. صوبيدار زمين تي پڙ ٺاهي يعني گول ڪڍي ان کي پنهنجو ٿاڻو بڻائي ويهندو آهي ته چور وڃي ڪٿي لڪندا ۽ پوليس وارا انهن جي ڳولا ۾ لڳي ويندا. هوڏانهن چور به نهايت خبرداريءَ سان لڪڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. آخرڪار وڏي جستجوءَ بعد چور پڪڙجي پوندا آهن. بس پوءِ ته واهه واهه ٿي ويندي آهي. پوليس وارا چورن کي نوڙين سان قابو ڪري، پنهنجي نظرداريءَ هيٺ صوبيدار وٽ وٺي ايندا آهن. صوبيدار نهايت رعب سان ۽ غصي ۾ چورن سان گفتگو ڪندو آهي ۽ کانئن ڪيل چورين بابت پڇا ڳاڇا ڪندو آهي. انهيءَ وچ ۾ کين مٿاڇريون پر پوري زور سان الاريل چماٽون به وهائيندو ويندو آهي. آخرڪار چور پنهنجي سڀني ڏوهن جو اعتراف ڪري ڏيندا آهن ۽ کين ڏنڊ ۽ سزا ڏني ويندي آهي. هيءَ راند سانجهيءَ ڌاري ڪئي ويندي آهي.


لفظ چور پاهيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو